قمبر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ??هي، هر متاثر خاندان تائين شفاف طريقي سان امداد پهچندي، ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا، عالمي برادري پاران امداد تي ٿورا مڃون ٿا، هي وقت سياست جو نه ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ??ه ٻوڏ متاثر علائقي جو فضائي جائزو ورتو آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون. وز??راعظم چيو ??ه حڪومت ٻوڏ کان متاثر خاندانن کي 25 هزار رپين جي امداد جو سلسلو بلوچستان کان شروع ڪيو. سمورن متاثر علائقن ۾ امداد جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت اها رقم 70 ارب رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. شفاف طريقي سان اها امدادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهائي ويندي. وز??راعظم چيو ??ه ٻوڏ سان ڪپهه، چانور ۽ کجور سميت مختلف فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو ??هي. سنڌ ٻوڏ کان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. يو ??ي اي، قطر، ترڪيءَ، سعودي عرب، چين، آمريڪا، ايران سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا جن پاڪستان جي هن مشل گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هر ڏينهن مختلف ملڪن جا جهاز امدادي سامان کڻي پهچي رهيا آهن. ترڪيءَ پاران امدادي سامان سان ڀريل 4 ٽرينون روانو ڪيون ويون آهن. پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ پڻ 10 ملين ڊالر جي امداد جو ا??لان ڪيو ??هي. چين به امدادي رقم وڌائي ڇڏي آهي. وز??راعظم چيو ??ه متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ پاڪ فوج ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي سڀني کي ??ڏجي متاثرين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وز??راعظم ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي چيڪ ورهايا. وز??راعظم کي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ??ه منڇر ڍنڍ جو ليول تمام گهڻو وڌي ويو ??هي. مناسب جاين تي بند ٽوڙي پاڻي جي مقدار کي ??هٽ ڪيو ويو ??هي. علائقي ۾ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو ??هي جڏهن ته ڪچا گهر ڊهي پيا آهن. پاڻي بيٺل هجڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن. ڪيترن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري امدادي سرگرمين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. متاثرين تائين پڪل کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ سان 7 تعلقا ۽ 9 کان 13 لک ماڻهو تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. وز??راعظم کي متاثر علائقي جي فضائي معائني دوران سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.