نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهي، ڳالهين جي ل??ءِ سازگار ما??ول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارتي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انصاف ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي عالمي ڌيان ڇڪرائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو آهي، او آءِ سي کي ان معاملي کي گڏيل قومن جي ل??ڳاپيل فورمز تي اٿارڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن مباحثي سان اسان کي موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ۽ انساني حقن جي صورتحال تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل ”تڪراري“ حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي واضح خلاف ورزي ڪندي والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ هو، ان مقصد جي ل??ءِ ڀارت غيرقانوني قدمن، انساني حقن جي سنگين ۽ مسلسل خلاف ورزين ۽ ٻين ڏوهن جو سهارو ورتو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هن وقت 9 لک ڀارتي فوجي موجود آهن، تازي تاريخ ۾ قبضي جي ل??ءِ اها وڏي فوجي مقرري آهي، ڀارتي قابض فوج جابراڻي قدمن تي عمل پيرا آهي، غاصب ڀارتي فورسز پاران بيگناهه ڪشميرين جو جعلي مقابلن ۾ عدالت کان مٿانهين قتل، حراستي قتل، گهيراءُ، تلاشي جون ڪارروايون، پرامن مظاهرين تي تشدد، انهن کي معذور ۽ انڌو ڪرڻ جي ل??ءِ پيلٽ گنز جو استعمال، 15 هزار ڪشميري نوجوانن جو اغوا ۽ جبري گمشدگي ۽ پورن ڳوٺن ۽ سهري ڀرپاسي علائقن کي تباهه ڪرڻ ۽ ساڙڻ سان گڏ اجتماعي سزائون ڏنيون پيون وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي عملدار پوري حريت قيادت کي جيڪي ڪشميرين جي سياسي امنگن جا حقيقي نمائندا آهن، انهن کي قيد ۾ وجهي رکيو آهي، حريت اڳواڻنک ي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وحشياڻي ۽ غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ”هندوتوا“ نظريي تي عمل ڪندي ڀارت ۾ آر ايس ايس – بي جي پي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي ڪري والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديليون شروع ڪيون آهن، اه?? آزادي ۽ خودمختياري جي مطالبي کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ مسلمان اڪثريت هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل جي منصوبي جو مرڪز نقطو آهي، نوان ”ڊوميسائيل قانون“ متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آباد ٿيڻ جي ل??ءِ سڄي ڀارت مان هندوئن کي 40 لک کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن، ڪشميرين جون زمينون ۽ ملڪيتون فوجي ۽ سرڪاري استعمال جي ل??ءِ ضبط ڪيون پيون وڃن. ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مقننه ۾ چونڊ سيٽن جي ٻيهر ورڇ ۽ هڪ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي ذريعي والاريل علائقي جي اندر چونڊ حدن جي جوڙ ٽوڙ جي ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انصاف ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي پرامن طريقي سان حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته هي تڪرار بنيادي طور تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ کان ڀارت جي انڪار جي ڪري اڃا تائين حل ناهي ٿيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته ري??ست ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جي ل??ءِ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري ڪرائي وڃڻي هئي. پرڏيهي وزير چيو ته لائين آف ڪنٽرول سان 25 فيبروري 2021ع جي جنگبندي جو ٺاهه ايل او سي سان امن برقرار رکڻ، ڪشميرين جون قيمتي جانيون بچائڻ ۽ ايل او سي جي ٻنهي طرفن رهندڙ ڪشميرين جي مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن جو هڪ بهترين مثال آهي. هن چيو ته اسان کي اميد هئي ته ڀارت تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين جي بحالي ل??ءِ مثبت قدم کڻندو ان بدران ڀارت پنهنجي ظلمن ۾ شدت پيدا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهي جڏهن ته اهڙي طرح جي ڳالهين لاءِ سازگار ما??ول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، والاريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين کي روڪي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جا تڪرار گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي پراڻي تڪر??رن طور موجود آهن، پاڪستان ان منصفاڻي مقصد جي ل??ءِ او آءِ سي جي مسلسل ۽ غيرواضح حمايت کي ساراهي ٿو. او آءِ سي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي ل??ءِ جائز جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سڀ کان اڳتي اچي رهي آهي، او آءِ سي جي رابطا گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي عالمي ڌيان ڇڪرائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي جي حمايت ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي ڪوششن جي ل??ءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي جيئن ته هلندڙ سال جي شروع ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيل ايڪشن پلان ۾ به اه?? معاملو شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته او آءِ سي کي ان معاملي کي گڏيل قومن جي ل??ڳاپيل فورمز تي اٿارڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ رابطا گروپ پاران سلامتي ڪائونسل کي گڏيل خط لکڻ جو امڪان به آهي.