اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي ترجيحن کي نئين سر جوڙي اميد تي قائم ڪرڻو آهي. پاڪستان ماحولياتي انصاف جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ گلوبل سائوٿ جي قيادت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪوپ تقريب ۾ منهنجو دلي?? اهو هو ته دنيا کي تاريخي ترقي کي اڳ??ي وڌائڻ جي لاءِ ڪاميابي جي موقف کي جاري رکڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته عبوري ڪميٽي تيزي سان گذرندڙ وقت ۾ پنهنجو مڪمل ڪيو آهي. هن ??يو ته اسان کي پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي ترجيحن کي ٻيهر جوڙي اميدن تي اڳ??ي وڌڻو آهي. هن ??يو ته اڄ اسان مختلف وزارتن، ماهرن ۽ گمنام هيروز کي ساراهي?? جن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي 30 سالا پراڻي خواب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي انصاف جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ گلوبل سائوٿ جي قيادت ڪئي. هن ??يو ته اڃا رڳو سفر شروع ٿيو آهي.