لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خاتون اول بيگم ث??ينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، فيشن، ڊ??زائ?? ۽ ??يڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيو??سٽ??ون فارغ ٿيندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائي?? ۽ ??رچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيو??سٽ??ون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آف باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيو??سٽ??ن ۾ وڏي پئماني تي آن لائين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيو??سٽ??ون ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي دوري دوران مختلف فيشن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيو??سٽ??ن ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.