اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت کي امن ۽ دوستي جو پيغام ڏيان ٿو ۽ ان کي چوان ٿو ته ڇڪتاڻ ذريعي خطي جي ترقي ۽ امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ نه وجهي. صدر اها ??الهه سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري صنعتي نمائش جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي بزنس مين فورم جي قائد سينيٽر الياس احمد بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر حاجي محمد افضل ۽ نمائش جي ڪنوينر ذوالفقار علي خان پڻ خطاب ڪيو. صد?? چيو ته افغان اسان ??ا ڀائر آهن، انهن سان کليل دل سان دوستي ۽ ڀائيچارو چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي خلوص سان ڪم ڪري رهيا آهيون ڇو ته اهو اسان جي مفاد ۾ به آه??. ه?? چيو ته پاڪستان جي حڪومت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان کليل دل سان دوستي ۽ تعاون چاهي ٿي جنهن ۾ يقينن ڪاميابي ٿيندي.