اسلام آب??د – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري ??ورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شه??از شريف جي تاجڪستان جي دوري ??ور??ن ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي رابطن ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري ??ي مو??عي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.