اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شريف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل داخل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم سان گڏ و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي و??ير??عظم معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي س??را??يو ۽ مبارڪباد ڏني.