اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا کي رياست جو باقاعده ٿنڀ تسليم ڪيو آهي، ميڊيا ٻي?? ٿنڀن جي احتساب سان گڏوگڏ خود احتسابي جي عمل کي به موثر ب??ائي، ميڊيا کي حاضر دور جي گهرجن موجب آڻڻ لاءِ صلاحيت ۾ اضافو اڻٽر آهي.