اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انشورنس انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ مناسب مارڪيٽن?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام جي اعتما?? جي لاءِ انشورنس جي شرطن بابت اڳواٽ وضاحت سان گڏوگڏ مڪمل آگاهي جي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، اسان دهشتگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي قومي تعمير جي عمل مان گذري رهيا آهيون، سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته هڪ سٺو ۽ خوبصورت پاڪستان اڳتي وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انشورنس انڊسٽري جي اقتصادي واڌويجهه ۽ محتسب جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خط??ب ڪندي ڪيو.