اسلام آباد – 10 في??روري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لا??اپا تاريخي اهميت وارا آهن، ٻئي ملڪ مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.