اسلام آب??د – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستاني ڪورونا وائرس جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم رليف فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن، لاڪ ڊائون جي ڪري غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، انشاءَ الله اسان ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڪستانين جي نالي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.