اسلام آباد ?? 30 ??ئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) 15 جولاءِ تائين ڪورونا وبا عروج تي هجڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سفارش ڪئي آهي ته تعليمي ادارن کي آگسٽ تائين بند رکيو وڃي، اين سي او سي چئني صوبن ب??مو?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لت??تان ۾ انڊسٽري سان واڳيل ڪجهه ٻيا شعبا کولڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کان تجويزون ۽ راءِ ورتي آهي، انهن جي روشني ?? ٻيون صنعتون به کولڻ جي سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.