اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، مل?? جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالها??ين??ي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مل??ي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ مل??ي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي مل?? ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رک?? ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي باوجود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رک??دڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.