اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ شعبي تي زور ڏنو آهي ته صارفين کي سهولتون فراهم ڪرڻ، انهن ج?? مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ وڌيڪ موثر قدمن کنيا وڃن، بئنڪنگ محتسب صارفين کي مفت ۽ فوري شڪايتن جي ازالي جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، بئنڪنگ محتسب جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪاري نظام تي صارفين جي اعتماد ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ سان معيشت کي د??تا??يزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بئنڪنگ محتسب جي اهتمام هيٺ هڪ سيمينار جنهن جو عنوان ”بئنڪنگ محتسب تڪرارن جي حل جو متبادل فورم“ کي خطاب ڪ??دي ڪيو.