اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي ??الادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي ??لاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، الله جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي ??لاف ڳالهائي رهيا آهن ??ه انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي ??لاف ڳالهائي رهيا آهن ??ه ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي ??يڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي ??نٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي ??زادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، انهن ملڪن جي ??وام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.