اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي سرحدي ع??ائقن ۾ رهندڙ آبادي جي خوشح??لي جي لاءِ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ انتهائي اهميت رکن ٿيون، اهي مارڪيٽون قائم ٿيڻ سان نه رڳو مقامي آبادي کي روزگار پر اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ – افغان ۽ پاڪ – ايران سرحدي ع??ائقن ۾ بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي حو??لي سان اڳڀرائي تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.