اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 وڏن سماجي تحفظ پروگرامن ۾ ڪرڻ تي خا?? معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن کي اهو سنگ ميل مبارڪ هجي، اهي ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري طرح حقدار هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??ي. وز??راعظم عمران خان عالمي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. عالمي بئنڪ عالمي سطح تي ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ماجي تحفظ پروگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.