اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سياسي معاملن وارو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر محمد اس??ار ترين، خالد حسين مگسي، احسان الله ريڪي ۽ روبينه عرفان موجود هيون، ان موقعي تي بجيٽ معام??ن، وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان جي ويزن تحت وڏن منصوبن، ايگر??ڪل??ر ڊولپمنيٽ پلان ۾ بلوچستان جي زراعت جي شعبي جي ترقي، تعليم ۽ صحت جي منصوب?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.