ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچس??ان سون پيدا ڪندڙ زمين آهي ۽ ماڻهو م??نتي آهن هتي زرعي پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ پاڻي جي کوٽ جو خاتمو پڻ ضروري آهي جنهن جي لاءِ احتياط ۽ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، بلوچس??ان ۾ زراعت جي فروغ لاءِ گرين ٽريڪٽرز پروگرام سميت ٻيا جاري منصوبا پائيدار زرعي ترقي جي ضمانت آهن، بلوچس??ان حڪومت پاران زرعي ترقي جي لاءِ جوڙيل منصوبا ساراهه جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن”بلوچس??ان گرين ٽريڪٽر پروگرام“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچس??ان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچس??ان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، زراعت وارو صوبائي وزير انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي پڻ موجود هئا. صدر چيو ته بلوچس??ان قدرتي وسيلن سان مالامال صوبو آهي جڏهن ته لائيو اسٽاڪ ۾ مجموعي ملڪي پيداوار ۾ هڪ وڏو حصيدار آهي. چوپائي مال جي افزائش ۽ زراعت پيغمبرن جا پيشا آهن ۽ اهي ٻئي پيشا انساني تاريخ سان واڳيل آهن. وقت سان گڏوگڏ انساني آبادي وڌي ته زراعت جي ترويج ۽ ترقي جي لاءِ پڻ جديد طريقا سامهون آيا ۽ ترقي جو اهو تسلسل وقت سان گڏ جاري آهي. موجود دور ۾ اسپري ايريگيشن، واٽر چينل ۽ ڊرپ ايريگيشن ذريعي جديد طريقن سان زرعي ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته ويتنام جو ڪوسٽل ايريا بلوچس??ان کان به ننڍو آهي ۽ شروعاتي طور تي فشريز جي شعبي ?? پاڪس??ان ۽ ويتنام جي ايڪسپورٽ ٽي کان چار سئو ملين ڊالر هئي. ويتنام فشريز جي افزائش تي بهتر حڪمت عملي سان ڪم ڪيو ۽ اڄ هو پنهنجي ايڪسپورٽ کي ٽي سئو ملين ڊالر کان 10 بلين ڊالر تائين کڻي ويو آهي. لائيو اسٽاڪ کي ترقي ڏئي هڪ وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو رڳو چين ساليانو 70 ارب ڊالر جو حلال گوشت امپورٽ ڪري ٿو، پاڪس??ان جي ڪجهه علائقن ۾ جانورن ۾ موجود کُڙ ۽ وات جي بيماري تي ضابطو آڻي حلال گوشت جي ايڪسپورٽ کي غيرمعمولي وڌائي سگهجي ٿو. بلوچس??ان جي ترقي جي لاءِ ه??ان جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي صحيح رخ ۾ فيصلا ڪري پائيدار ترقي جي تسلسل لاءِ پنهنجو م??حرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماضي ۾ بلوچس??ان جي معدني وسيلن بابت غلط فيصلا ڪيا ويا جڏهن ته موجوده حڪومت بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ماضي جا اهي معاملا جلد حل ڪيا ويندا. صدر عارف علوي چيو ته بلوچس??ان سان دلي محبت آهي ۽ هر ڀيري ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي پاڻي ??ور??حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ضروري سمجهندو آهيان ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته بلوچس??ان حڪومت ان اهم مسئلي تي پوري سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. بلوچس??ان جي وڏي وزير ٻڌايو آهي ته ڪوئيٽا ۾ روزاني جي پاڻي ضرورت 20 ملين گيلن آهي ۽ استعمال ٿيل پاڻي کي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، بنا ڪنهن شڪ جي صوبائي حڪومت جو اهو قدم مستقبل ۾ پاڻي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ زراعت ۽ معدني وسيلن کي صحيح رخن تي آڻي معاشي ۽ اقتصادي ۽ روزگار جي فراهمي جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جو علائقو ٿر ان جو واضح مثال آهي جتي ڪوئلو نڪرڻ کان اڳ ماڻهن جو دارومدار برساتن جي پاڻي سان ٿيندڙ فصلن تي هو ۽ سوڪهڙي جي ??ور??حال ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ا??ان لڏپلاڻ ڪري ويندو هو. جڏهن ته ڪوئلي جي کاڻين کانپوءِ هاڻي ??ور??حال تبديل آهي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پاڙيسري ملڪن سميت ترقي يافته ملڪن جي معيشت ويهي رهي جڏهن ته پاڪس??ان جي بهتر ۽ موثر حڪمت عملي جي ڪري هتي نقصان جي مجموعي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي. الحمدالله عالم سڳورن، ميڊيا ۽ سمورن طبقه فڪر جي ماڻهن جي تعاون سان ڪورونا وائرس تي وڏي حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون. اسان مشڪل حالتن کي موقعن ۾ تبديل ڪري ان مان فائدو کڻي سگهون ٿا. دنيا کلي رهي آهي پاڪس??ان وٽ موقعا موجود آهن حڪومت جو ڪم ترقي جا نوان رستا ڳولڻ آهي اڄ ايموزون سميت مختلف موقعن جي ڪري ننڍي سطح تي پڻ ڪم ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي سمورن انسٽيٽيوشنز کي اڏوهي لڳي رهي هئي، عمران خان ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سنجيده ۽ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت ڪرپشن تي ضابطو نه ٿي آڻي ته پئسو ڪجهه ماڻهن ذريعي ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿيڻ جو عمل جاري رهي ٿو.