اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏيهي آفيس پاران جاري پريس رليز موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آئر??ين?? جي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي و?? ۾ ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزيرن افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته آئر??ين?? يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان آئر??ين?? سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئر??ين?? ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي، پرڏيهي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آئر??ين?? حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آئر??ين?? جي و?? ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي ميڪنزم کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آئر??ين?? جي و?? ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي و??ائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي آئر??ين?? جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ وبائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.