اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??زيراعظ?? عمرا?? خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جان?? ۽ ??الي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ??اضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظ?? عمرا?? خان گڏيل قومن ۾ دليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ميت کي اسلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته ??زيراعظ?? عمرا?? خان گڏيل قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئينو پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.