اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ جوابدار شهباز شريف سان مشاورت نه ٿي ٿي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جوابدار کان پڇيو ويو ته جاچ ڪندڙ ڪير هوندو؟ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته شهباز شريف کي اخلاقي طور تي مخالف ڌر ??ڳواڻ نه هجڻ گهرجي، شفاف اليڪشن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شهباز شريف آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 موجب اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آ??ي ته اها صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جا به واضح حڪم آهن.