دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏيل عرب امار??ت جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل عرب امار??ت جي وزيراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري ??طي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل عرب امار??ت جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽ??م جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري ??هيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امار??ت جي وزيراعظم کي پاڪستان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پويلين پاڪستان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏيل عرب امار??ت جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏيل عرب امار??ت جي قيادت پنهنجي ملڪ کي علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل عرب امارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ميزباني تي گڏيل عرب امار??ت جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر پاڪستان جي گڏيل عرب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري ??عاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امار??ت جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري ??هيو آهي. گڏيل عرب امار??ت جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.