اسلام آ??اد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه پنهنجي مسلسل نگراني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان نشاندهي ڪندي 16 آڪٽوبر 2021ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي ماحول ?? سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پنهنجي نوعيت جو ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ پي اين لانگ رينج ميري ٽائيم پيٽرول ا??ئر ڪرافٽ ذريعي ڀارتي بحريه جي آبدوز جو وقت کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ ل??ايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو واقعو مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.