اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي تقريب اڄ جمعي تي پارليامينٽ ۾ منعقد ٿيندي، خصوصي طور تي اهل ماڻهن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي ٿيم ”ڪورونا وبا کانپوءِ خصوصي ماڻهن ??ي قيادت ۽ شرڪت کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن لاءِ پهچ جوڳي دنيا جو قيام“ تحت ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڪووڊ – 19 جي دوران خصوصي ماڻهن کي درپيش چئلينجز ۽ ان جي جامع ۽ پائيدار حل کي يقيني بڻائڻ ۽ معاشري تي خصوصي ماڻهن جي سلسلي ۾ لاڳو اسان جي ذميدارين بابت شعور اجاگر ڪرڻ آه?? ته جيئن انهن جي زندگين ۾ مثبت تبديليون آڻي سگهجن. ان خصوصي تقريب جي انعقاد جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران خصوصي طور تي اهل ماڻهن جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پارليامينٽ هائوس جي عمارت کي پهچ جوڳي بڻائڻ، قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ کي نور ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ??ي قابل بڻائڻ ۽ آئين پاڪستان کي بريل رسم الخط ۾ ترتيب ڏيڻ ??ي قدمن جو افتتاح ڪندو. اهي قدم خصوصي ماڻهن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ، انهن جي اعتماد ۾ اضافي سان گڏوگڏ کي?? معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. خصوصي ماڻهن جي ڏينهن جي تقريب جو انعقاد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کي?? ملڪ جو ڪارآمد شهري بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي ڪڙي آه??. اسپيڪر خصوصي طور تي اهل ماڻهن جي بنيادي حقن جي تحفظ ۽ موجوده قانونن تي نظرثاني لاءِ قانونسازي جي ذريعي ڊگهي مدي وارن سڌارن لاءِ ڪوشان آه??. خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خصوصي طور تي اهل ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آه?? ۽ کي?? تعليم ۽ روزگار سميت بنيادي سهولتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو عام شهرين جي طرح ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيتن مان مستفيد ٿيڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ۽ انهن سان تعاون ڪرڻ جي ضرورت آه??. ان جو چوڻ هو ته خصوصي ماڻهن کي سمورين بنيادي سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه?? ۽ حڪومت انهن کي زندگي جي هر ميدان ۾ هڪجهڙي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آه??. قومي اسيمبلي جي اسپيڪرخصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪرڻ لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آه??، ڪميٽي خصوصي طور تي اهل ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کي?? بنا فرق ??ي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قابل ذڪر تجويزن ۽ پاليسيون جوڙيون آه?? جيڪي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. تقريب کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي اهم خطاب کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبر/ چيمپئن ڪامن ويلٿ پارليامينٽرينز خصوصي ماڻهو ظل هما، ظله قيصر، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اسپيشل ٽيلنٽ ايڪسچينج پروگرام محمد عاطف شيخ، يو اين ايف پي اي جو پاڪستان لاءِ نمائندو ڊاڪٽر باختير قادروف ۽ ٻيون اهم شخصيتون به خطاب ڪنديون. ان موقعي تي خصوصي دستاويزي فلم به ڏيکاري ويندي.