اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مالياتي پابندين ۽ منجمند اثاثن ا??غا??ستان جي بئنڪنگ نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، ا??غا??ستان تي پابنديون دهشتگردي جي خاتمي ۽ اس??گل??گ جي مقصدن کي ختم ڪري سگهن ٿيون، منجمند اثاثا انساني مقصدن لاءِ فنڊن جي منتقلي ۾ رڪاوٽ آهن، انساني جانيون بچائڻ لاءِ پابندين تي نظرثاڻي اڻٽر آهي. خميس ڏينهن ”خليج ٽائمز“ ۾ شايع پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ستان جي منجمند اثاثن جي بحالي انساني جانيون بچائڻ لاءِ انتهائي اڻٽر آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ دير معاشي بدحالي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.هن چيو ته ان قسم جو منظرنامو دهشتگردي جي خاتمي ۽ اس??گل??گ جي اسان جي گڏيل مقصدن کي ختم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته منجمند اثاثا پبلڪ سروسز، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم شعبن ۾ ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ۾ بنيادي رڪاوٽ به آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ا??غا??ستان جي عوام کي فوري ڌيان گهربل آهي، ا??غا??ستان کي متاثر ڪندڙ انساني الميي شايد اڄ دنيا جو بدترين الميو آهي، گڏيل قومون خطري جو ادارڪ ڪيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتيونيو گيوترس چيو ته ا??غا?? عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن جي جنگ ۽ عدم تحفظ کانپوءِ مشڪل ترين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته ڪيترن ئي ڊونرز، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ انساني همدردي جي ادارن جي فراخدلي جي ڪري کاڌي پيتي جون شيون ۽ زندگي بچائيندڙ ٻين اهم شين جي فراهمي جي ذريعي مدد ڪئي وئي آهي، محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان 3 ڪروڙ ڊالر کا?? وڌيڪ انساني همدردي جي بنياد تي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، ان هيومينٽرين سپلائز لاءِ فضائي ۽ زميني برج فراهم ڪيو ۽ راهداري واپاري ۾ سهولت ڏني تنهن هوندي به اڃان به تمام گهڻي انساني همدردي ۽ ٻي مدد جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جو ڪاٿو آهي ته 5 لک ا??غا?? شهري داخلي طور تي بي گهر ٿيا آهن، تقريبن 22.8 ملين ا??غا?? ماڻهن کي شديد غذائي کوٽ درپيش آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب هلندڙ سردي جي موسم ۾ لکين ا??غا??ي رهواسين کي بک يا لڏپلاڻ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ميڊيا رپورٽس مان اشارو ملي ٿو ته هزارين ا??غا??ي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڊگهي تڪرار، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڏڪار، شهري علائقن ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ رنڊڪ ۽ ڪورونا جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن جي نتيجي ۾ ا??غا??ستان جي عوام کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته شديد سردي جي موسم ۽ ڏورانهن علائقن جي بنياد تي ا??غا??ستان ۾ ضروري شين جي چرپر جا چئلينجز به درپيش آهن، گورننس جو نازڪ ڍانچو، سرمائي جي شديد کوٽ ۽ مالياتي پابنديون ملڪ ۾ اقتصادي طور تي شديد مشڪل صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ انساني مشڪلاتو?? وڌي رهيون آهن. پريهي وزير چيو ته ا??غا?? عوام کي هاڻي اڪيلو ڇڏڻ جو وقت نه آهي ۽ کين اڪيلو ڇڏڻ هڪ الميو هوندو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، تڪرار، عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جنم وٺي سگهي ٿي، هن چيو ته عالمي برادري جي ا??غا??ستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ اقتدار حصيداري جي حالت تي خدشا جائز آهن ۽ انهن خدشن جو سول، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي سطح تي ازالو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ا??غا??ستان جي اندر ا??غا?? عوام جي مدد به ضروري آهي، هن چيو ته عام ا??غا?? شهري نه ته اڳوڻي حڪمرانن جي ناڪامين جا ذميدار آهن نه ئي کين تازي واقعن جي سزا ڏيڻ گهرجي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو بحران اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته ا??غا??ستان لاءِ امن، سيڪيورٽي، ترقي ۽ انساني حقن لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سياسي ۽ اقتصادي رابطن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس جي اسلام آباد ۾ 19 ڊسمبر تي ميزباني ڪري رهيو آهي، اجلاس جو مقصد ا??غا?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ ا??غا??ستان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ موثر چئلينج ۽ مدد ڪرڻ آهي، او آءِ سي گڏيل قومن کانپوءِ ٻي وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ ا??غا?? عوام جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان اميد ڪري ٿو ته او آءِ سي ميمبر ملڪ ۽ عالمي برادري ان مشڪل وقت ۾ ا??غا?? عوام کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندا.