اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي ي??يني بڻائي وڃي. زيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي ي??يني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي فراهمي کي ي??يني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ر??ٽ کان اٽڪل اڌ قيمت تي ڏن?? آهي. اسمگلنگ جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪيون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئ?? آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.