پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده ح??وم?? خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ح??وم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن لاءِ سالياني ترقياتي بجيٽ کي وڌائي هلندڙ سال 54 ارب رو??يا ڪيو، عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي وڌي، ح??وم?? عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير، خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير، صوبائي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موجوده ح??وم?? خيبرپختونخوا ۾ تاريخي منصوبن جو آغاز ڪيو، ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ح??وم?? جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ح??وم?? ضم ٿيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ کي 2018ع جي 24ا رب جي سطح کان وڌائي هلندڙ سال 54 ارب رو??يا ڪيو، هن چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ح??وم?? مهانگائي جي اثرن کي ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيا??ت ۾ اضافو ٿيو آهي، ح??وم?? خيبرپختونخوا ۾ سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري چڪي، جلد سياحتي ماڳن جي ترقي لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مستحق خاندانن کي رعايت، تعليمي سهولتن ۾ بهتري ح??وم?? جي فلاحي رياست جي قيام جي واعدي جي تڪميل جو سنگ ميل آهي. ملاقات ۾ ح??وم?? صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ??ول??ه ڪئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ ح??وم?? تاريخي منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبي بجلي جي پهچ واري نظام ۾ جدت ۽ بهتري آڻيندو، صوبائي سطح تي سستي بجلي جي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي آف گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستانت حريڪ انصاف جي گذريل ح??وم??ي دور وانگر ڏورانهن عائقن ۾ پن بجي جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، انهن منصوبن سان انهن ڏورانهن علائقن ۾ به سستي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي، جتي ٽرانسميشن لائن موجود نه آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چشمه رائٽ بئنڪ ڪنال جو منصوبو به حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، منصوبي جي تڪميل سان لکين ايڪڙ زرعي زمين کي پوکي جي قابل بڻائي سگهجي ٿي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رشڪئي صنعتي زون مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، ح??وم?? 6 وڏن صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ روزگار جي فراهمي ۽ ملڪي آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ لاءِ خيبرپختونخوا ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا ۾ مستحق خاندانن ۾ احساس راشن رعايت پروگرام جي ورهاس?? جو آغاز ٿي چڪو آهي، ڪارڊ تحت خيبرپختونخوا جا مسحتق خاندانن کي هر مهيني ضروري شين تي هڪ هزار رو??ين تائين جي رعايت ڏني ويندي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اجلاس کي خيبرپختونخوا ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ شروع ڪيل منصوبن ۽ اهم شاهراهن ۽ رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ترقياتي منصوبن جو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ يقيني بڻائڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.