اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائڻ جي سلسلي ۾ غير ملڪي ڪمپنين لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز ضابطي جي ڪارروائي بابت مسئلن کي حل ڪن ۽ پ??ڪس??ان ۾ ڪاروبار جي خواهشمند غير ملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پ??ڪس??ان جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ ۾ موجود موقعن کي خاص طور تي آمريڪا ۾ رهندڙ پ??ڪس??اني ڄائي آءِ ٽي سيڙڪارن جي لاءِ موثر طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر مان وڊيو لنڪ جي ذريعي آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل پ??ڪس??اني ڄاون آمريڪين سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ واري صلاحڪار خالد منصور، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فارينه مظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پ??ڪس??ان جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر خالده حبيب ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پ??ڪس??اني ڪميونٽي جي ميمبرن سميت ڊاڪٽر نويد شيرواني، معظم چوڌري، سليم احمد، ادريس ڪوٺاري، احسن سهيل، وحيد قريشي، عامر خان، احمد ايوب ۽ فيصل سهيل وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل سرڪاري ادارن پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻائڻ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ايس اي سي پي پ??ران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رجسٽريشن جي عمل کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي آسان بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي ڪمپنيون ايس اي سي پي جي اي سروسز پورٽل جي ذريعي آن لائين رجسٽرڊ ٿي سگهنديون، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته اٿارٽي بهترين عالمي طريقن موجب ٽيڪنالاجي ڪلسٽرز تيار ڪرڻ جي عمل ۾ آهي جيڪا ڪمپنين کي پ??ڪس??ان جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي قابل بڻائيندي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غير ملڪي ڪمپنين 570 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو عهد ڪيو آهي جنهن سان ملڪ ۾ 15000 نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار ٻڌايو ته جولائي کان ڊسمبر 2021ع جي دوران پ??ڪس??ان جي آءِ ٽي برآمدات ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جون ڪوششون جاري آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ايس اي سي پي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران پ??ڪس??ان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن جي سهولت ۽ حوصلا افزائي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن طريقيڪار بابت مسئلن کي حل ڪري سگهجي جنهن سان آءِ سي ٽي جي برآمدات وڌائڻ ۽ پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي.