لاهور – 20 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي جلد منتقل?? جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ان سان نه رڳو آبادگارن جي في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي پر ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان قيمتي پرڏيهي ناڻ?? جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد ۽ سڄي ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وز??راعظم توانائي واري وز??ر ۽ سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم پاران ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيل تجويزن کي ساراهيو. هن چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت زراعت جي ترقي ۽ آبادگارن جي خوشحال?? جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آبادگار پئڪيج ۾ ننڍن آبادگارن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت، ٻج جي وقت سر فراهمي، زراعت ۾ جديد مشينر?? جي حوصلا افزائي ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ شامل آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته آبادگار پئڪيج جي حوالي سان سڄي ملڪ جي آبادگارن جي سمورين تنظيمن کي مشاورت جو حصو بڻايو وڃي، آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي لاءِ صوبن سان مشاورت ۽ تعاون پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته کاڄرو تيل جي پيداوار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي ماهرن جي ڪميٽ?? جي مشاورت سان جوڙي وڃي. هن ڪپهه جي پيداوار ۾ اضاف?? جي لاءِ جديد ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻج متعارف ڪرائڻ جي قدمن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران ٻڌايو ويو ته حڪومت زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي ذريعي ڊيزل ۽ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي، ان قدم سان ملڪ جي ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ ساليانو 3.61 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. اجلاس ۾ وز??راعظم ک?? آبادگار پئڪيج، ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ پيداوار، ڪپهه ۾ جديد ٻج جي تعارف ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ننڍن آبادگارن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولت جي قدمن سان هن وقت 816.5 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ حڪومت ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي، زراعت ۾ جديد مشينر?? جي استعمال ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جا قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري هلندڙ سال 6 لک 32 هزار هيڪٽرز تي کاڄرو تيل جي ٻجن جي پوکي ٿي جنهن ۾ ايندڙ سال اضافو متوقع آهي. ڪپهه جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جديد نسل جي ٻجن ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻجن کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ عالمي ڪمپنين سان رابطي ۾ آهي ۽ ان تي تمام جلد مثبت اڳڀرائي متوقع آهي. وز??راعظم انهن سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وز??رن اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، خرم دستگير خان، طارق بشير چيما، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.