لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ر??ور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو ??ڏو وزير سر??ار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبائي وزير فياض الحسن چ??هاڻ، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب راوي ر??ور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لائنز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري دلچسپي، انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ريگول??شن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.