اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتن ۽ ايس ايم ايز جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏ??ي رهي آهي، ان سلسلي ۾ نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون پر سموريون ممڪن مراعتون به فراهم ڪيون وينديون. هو س??ال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير حماد اظهر، اط??اعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر جو چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.