اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي با??ت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊ??ڪٽ?? ثانيه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس و??ب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020ع تي بند ٿي چڪيون آهن، اهي ا??ل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون.