لاهور 20- سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل ??يو آهي ته اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان لٽ مار ڪميٽي ۽ قوم جي لٽيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪرپٽ اش??افيه جو ڳٺ جوڙ آهي. جڏهن سڀئي چور گڏ ٿي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته ڪو ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آل پاڪستان لٽ مار ايسوسيئيشن گڏ ٿي رهي آهي، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ سان ??پوزيشن جي اُڃ ناهي ختم ٿي، ماضيءَ ۾ مخالف ڌر جون اهي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف ڇا نه چونديون رهيون آهن؟ اپوزيشن وارا گڏجي صرف اين آر او گهري ??هيا آهن، مخالف ڌر جيتريون به چاهي اي پي سي ڪري ??نهن جي دل چوي خطاب ڪري پر مخالف ڌر لاءِ اهو پيغام آهي ته انهن کي اين آر او نه ملندو. وزيراعظم عمران ??ان ??ين آر او نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ماڻهو اي پي سي ڪري ??هيا آهن. آصف علي زرداري کي علي بابا چاليس چور چوڻ وارو شهباز شريف هاڻي پاڻ ئي ايڪتاليهون چور بڻجي ڪرسي لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ڪٿي ان ??ي مريم نواز نه ويهي رهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن جي ٻن سالن ۾ اها پنجين ويهڪ آهي، اڄ تائين اسان ??پوزيشن جي مختصر عرصي ۾ ايتريون اي پي سيز ناهن ڏٺيون. هن چيو ته موجوده اپوزيشن جو نظريو بنيادي طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن انهن کان ??ساب وٺون ٿا ته چون ٿا اسان کان ??ياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اي پي سي جي لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا، انهن جي ڪرپشن سبب داخل آهن جيڪو وڌيڪ ڪرپٽ آهي. ان ??و نالو سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته سياست ۾ نئون آيل بلاول جنهن جون پنجاب ۾ ڪجهه سيٽون آهن اڄ شهباز شريف پنهنجي خاندان ??ميت ان ??ي بارگاهه ۾ حاضر آهي ۽ اتي وڃي اين آر او گهري ??هيو آهي. هن چيو ته پهرين انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف ۽ ٻين چورن جي آمدني ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو اهي جو ڏسي ڪري ??قل دنگ رهجي ويندي آهي ۽ هاڻي انهن کي احتساب جي نالي کان ??وف اچي رهيو آهي.