اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحما?? الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ??مورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي ??ربيت جي ??عبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي ??فاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ??رورت آهي.