اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي گلگت بلتستان پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کي وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ پاران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم پرفارمنس ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب سنڌ ??وليس جي 78 جڏهن ته گلگت بلتستان پوليس جي 20 ڊيش بورڊ جي جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي. پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ??وا??ي شڪايتن جو مناسب ازالو نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ ??اران 25 پوليس آفيسرن کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. آءِ جي گلگت بلتستان پاران هڪ ڊي آءِ جي ۽ ٻن ايس پيز کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ ايسٽ ڪراچي، ??يس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي، ??يس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي، ??يس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايس پي سانگهڙ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد کي وارننگ ليٽر جاري ڪيا ويا. ايس پي شڪارپور، قمبر، انويسٽيگيشن ايسٽ ون ۽ ايس ??ي صدر کي آءِ جي سنڌ ??اران شاباش ڏني وئي ۽ آءِ جي بلتستان پاران ڊي آءِ جي پوليس بلتستان رينج، ايس پي هنزه، ايس پي اسڪردو کان وضاحب طلب ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ڊي آءِ جي گلگت رينج، ايس ايس پي گلگت، ايس ايس پي استور کي ڪارڪردگي جي بنياد تي شاباش ڏني وئي آهي.