اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گم ٿ??ل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائندگي ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ان مو??عي تي پنه??جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿ??ل ماڻهن جي درست صورتحال معلوم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آ??اهه رکيو ويندو.