اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ماحوليات جي بهتري ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي، عالمي گرمي کان بچاءُ ۽ پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو هدف پورو ڪرڻ ۽ قومي پارڪس ۾ اضافي جي ضرورت آهي، چين ماحولياتي تبديلي تي تمام گهڻ?? ڪم ??يو آهي، هن هڪ گرين سٽي ٺاهيو ??هي، اسان ان جي مهارت مان تجربو حاصل ڪري سگهون ٿا، وڻ لڳائڻ جي حوالي سان آگاهي خوش آئنده آهي. هو ملڪ ۾ گرين فنانس ۾ جدت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو.