اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ڪوبه سيڪيورٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اسان جي سيڪيورٽي ادارن فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جي سمورن سيڪيورٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪ??هن به قسم جي سيڪيورٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو ج??هن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ج??هن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪستان جي سيڪيورٽي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيورٽي ٽيم به پاڪستان آئي هئي ج??هن پاڪستان جي سيڪيورٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪ??هن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وزير چيو ته پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر ا??هن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وزير چيو ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪ??هن به قسم جو سيڪيورٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وزير چيو ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خو??ري??ي ٿئي پر ا??هن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏ??هن ۾ پاڪستان ناهي آيو ۽ پاڪستان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ??ئي وئي.