اسلام آباد ?? 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اسپيڪر اسد قيصر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي و??ير??عظم سردار سڪندر حيات خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڪندر حيات خان آزاد ڪشمير جي سياست ۾ وڏو مقام رکندو هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نه سگهبو. قومي اس??مبلي جي اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سردار سڪندر حيات خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي.