اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي ??هر فيصل آباد ۽ چين جي ??هر چنگ دائو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. جمعي تي ان حوالي سان تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، چين جي ??هر چنگ دائو جي ميئر زائوهائوزي ۽ فيصل آباد جو ??مش??ر شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، سسٽر سٽي جو ميئر، ٻنهي ملڪن جي عملدارن کي ان تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهد??ري منصوبو (سي پيڪ) فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي چين سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعوت تي چين جي اڳوڻي سفير ياهو جنگ فيصل آباد جي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ ڪاروب??ري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، زرعي يونيورسٽي جو دورو ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو بڻيو جنهن جو مقصد ٻه طرفي تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، انهي دوري جي دوران منهنجي درخواست تي سسٽر سٽي معاهدي تي ڪم جو آغاز ٿيو ۽ موجوده چيني سفير نونگ رونگ ان منصوبي کي عمل جامو پارايو، هن چيو ته فيصل آباد صنعتي ??هر آهي جتي بهترين رو?? انفرااسٽرڪچر، زرعي زمين ۽ علامه اقبال اقتصادي زون آهي، فيصل آباد ??هر سان سسٽر سٽي معاهدي تي پاڪستان ۽ چين ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير، ميئر ۽ ميونسپلي عملدارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.