اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ت??قي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي ا??گ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي ت??ليم سان گڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر ??يو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري انهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي ت??ليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻهن کي ت??ليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري ت??ليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.