اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلا??ڪا?? شوڪت ترين، واپار وارو صلا??ڪا?? عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ??ني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عم??در??مد کي انتهائي ترجيح ڏيندي آهي، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاهدن تي عم??در??مد لاءِ پرعزم ??هي.