اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته آرمي پبل?? اسڪول سانحو ۽ اولهه پاڪستان اسان جي تاريخ جا 2 ناقابل فراموش واقعا آهن، انهن واقعن پاڪستاني قوم کي ملڪ ??شم??ن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هڪ نئون جذبو ڏنو. آرمي پبل?? اسڪول سانحي پشاور جي ورسي جي موقعي تي گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آرمي پبل?? اسڪول ۽ مشرقي پاڪستان اسان جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا آهن، انهن واقعن جي شهيدن پاڪستاني قوم کي ملڪ ??شم??ن سان مقابلي ڪرڻ جو هڪ نئون جذبو ڏنو. هن چيو ??ه اڄ جي ڏينهن پوري قوم پنهنج?? انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪري ٿي. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري رهي آهي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ناپاڪ مقصد رکندڙ ڌُرين سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو.