اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ??رورت آهي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ادارن خاص طور ت?? مسجدن ۽ چرچ جي ??هميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قو??ن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ ا??ن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قد??ن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي ??ارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پناهگيرن ج?? مسئلي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ??رورت آهي.