اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مون کي پاڪستان جو آئ??ن ڇوٽ ڏي ٿو پر آئ??ن ڇوٽ نه ٿ?? وٺڻ چاهيان، پاڪستان جي آئ??ن جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئ??ن آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون، آئ??ن سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ڪئ??. صدر 2016ع جي پنهنجي خلاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضرو ٿيو. صدر صدارتي ڇوٽ نه وٺي عدالت آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئ?? هئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. آئ??ن صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پيش ٿيس. هن چيو ته آئ??ن چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿ??ندا انصاف نه ٿ??ندو. آئ??ن سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صدر چيو ته ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن??ا آهن، ان دوران گواهه مري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون. مون اسلامي تا??يخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئ??، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، پاڪستان جي آئ??ن جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئ??ن آهي. مون کي پاڪستان جو آئ??ن ڇوٽ ڏي ٿو پر آئ??ن اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿ?? چاهيان. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عدالت کان ضمانت به ورتي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي عدالت مان واپس روانو ٿيو. صدر جي اچڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.