اسلام آباد – 09 8211; اپريل (اي پي پي) پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿو??ائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان ??ڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ??و، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ??اانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن سان ??اانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿو??ائتو آهيان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.