اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻو?? متاثر افغانستان جي عوام ج?? لاءِ هنگامي امدادي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻو?? متاثرين ج?? لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام ج?? لاءِ انساني امداد جي فراهم?? لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنه??جو فعال ڪردار ادا ڪندي.