اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي فوجين جي هٿان الجزيره ٽيلي ويزن جي صحافي شيرين ابو عقله جي قتل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مظلوم ماڻهن جون خبرون ڏيندڙ آوازن کي خاموش ڪرڻ اسرائيل ?? ڀارت پاران فلسطين ۽ والاريل ڪشمير ۾ اختيار ڪ??ل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي جو حصو آهي.