اسلام آباد – 30 – مئي (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزي??اع??م شهباز شر??ف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان جي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزي??اع??م دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزي??اع??م ترڪي ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزي??اع??م جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.